غوثپور(ن سنڌيار) غوثپور۔ شھر جي مئن ھائير سيڪنڊري اسڪول جي حالت زبون ٿي ويئي۔ لاڳيتو ھلندڙ برساتن اسڪول جي حالت تباھ ڪري ڇڏي۔ اسڪول جي ڇت جا ڪيترائي چاپڙ اوچتو ڪري پيا۔ موڪل ھجڻ سبب ڪوبه نقصان نه ٿيو۔ اسڪول جي استادن ۾ خوف جي لھر۔ انتظاميه نوٽيس نه ورتو۔ وڌيڪ مليل تفصيل موجب غوثپور ۽ ڀرپاسي جي ڪيترن ئي ڳوٺن جي سھولت لا۽ موجود شھر جو مک ھائير سيڪنڊري اسڪول گذريل ڪيتري ئي عرصي کان لاڳاپيل انتظاميه جي بي حسي جو شڪار بڻجي تيزي سان تباھي طرف وڌڻ لڳو آھي۔ توڙي جو ڪشمور ضلعي ۾ ارڙھن سئو شاگردن جي پڙھائي وارو ھڪ وڏو اسڪول ليکيو ويندو آھي پر گذريل ڪيترن ئي سالن کان اسڪول جي مرمت لا۽ آيل ڪروڙين روپيه ڪرپٽ انتظاميه جي ڍڍ ۾ وڃڻ سبب ھڪ پاسي ٽيھ کان وڌيڪ استاد پريشان آھن ته ٻئي پاسي ھزارين شاگردن جون حياتيون داء تي لڳل آھن۔ اسڪول جي سينيئر استادن سيد يوسف علي شاھ۔ خان محمد ڀيو۔ سيد عبدالرحمان شاھ ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪيترائي ڀيرا اسڪول جي زبون حالي جي وڊيو ڀري ۽ لکت ۾ بالا آفيسرن تائين شڪايتون ڪيون آھن پر سڀ اگھور ننڊ ۾ ستل آھن ڪوبه نوٽيس نٿو وٺي ھرڪو پنھنجا پيٽ ڀري خاموشي اختيار ڪريون ويٺو آھي اسان جي دانھن طرف ڪير به توجه نٿو ڏي۔ ھنن تعليم کاتي جي اعلا عملدارن کان مطالبو ڪيو ته ترت اسڪول کي نئين عمارت ڏيئي استادن ۽ شاگردن مان خوف جي لھر ختم ڪئي وڃي










