ڳڙهي پوليس قتل ڪيس ۾ نامزد 3 جوابدار گرفتار ڪري ورتا

ڳڙهي ياسين(ن س) نوشهرو ابڙو لنڪ روڊ پوليس چوڪي تي سنيپ چيڪنگ دوران مبينا قتل جي ڪيسن ۾ گهربل ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او ڳڙهي ياسين مقصود احمد جلباڻي ٻڌايو ته شڪ پوڻ تي نئون ڳوٺ جي رهواسين دلدار شر، عبدالله شر ۽ ميرل شر کي روڪي سندن رڪارڊ چيڪ ڪيو ته ٽنهي ڄڻن مٿان قتل جو  ڪيس داخل ٿيل هو جن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ حوالي ڪيو آهي وڌيڪ جاچ جاري آهي ٽنهي جوابدارن مٿان قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو