ڳڙهي حسن ۾ جوابدارن جو مبينا طور نوجوان مٿان پيٽرول هاري باهه

ڳڙهي حسن ۾ جوابدارن جو مبينا طور نوجوان مٿان پيٽرول هاري باهه

ڳڙهي حسن (ن س )ڳڙهي حسن ۾ جوابدارن مبينا طور نوجوان مٿان پيٽرول کي کيس باهه ڏئي ڇڏي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت جيڪب آباد اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمي نوجوان علي محمد سرڪي جي وارثن الزام لڳائيندي چيو ته جوابدارن بشير احمد سرڪي ۽ سمع الله سرڪي پئٽرول ھاري زخمي ڪيو آهي. ٻئي پاسي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته نوجوان جو جسم 20 فيصد سڙي ويو آهي، سندس علاج ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو اطلاع مليو آهي، زخمي نوجوان کي جيڪب آباد اسپتال نيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل اچي سگھي هئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو