ڳوٺ جي ڪولهي پاڙي ۾ باهه،5 گهر سڙي رک

ڳوٺ جي ڪولهي پاڙي ۾ باهه،5 گهر سڙي رک

اسلام ڪوٽ(ن سنڌيار)اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ڪهڙي ۾ ڪولهي پاڙي ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي ويل پنج گھرن جي باهه متاثرن ۾ امت فائونڊيشن طرفان راشن،چئونرا ٺاهڻ لاءِ بانس تقسيم ڪيا ويا خبر موجب اسلام ڪوٽ ڀر سان ڳوٺ ڪهڙي ۾ ڪجھ ڏينهن اڳ اوچتو باهه لڳڻ سبب ڪولهي برادري جا پنج گھر سڙي رک ٿي ويا هئا باهه متاثرن ۾ امت ويلفيئر فائونڊيشن جي چيئرمن ڊاڪٽر خرم رشيد طرفان باهه متاثرن ۾ راشن جا بيگ ۽ چئونرا ٺاهڻ لاءِ بانس تقسيم ڪيا ويا ان موقعي تي باهه متاثرن ۾ سامان ورهاست ڪندڙ امت فائونڊيشن ٿرپارڪر جي اڳواڻ عبدالخالق سميجي ٻڌايو ته امت فائونڊيشن جي چيئرمن ڊاڪٽر خرم رشيد طرفان باهه متاثرن لاءِ راشن موڪليو آهي جيڪو اسان ڪهڙِي ڳوٺ جي باهه متاثرن ۾ تقسيم ڪيو آهي هن چيو ته امت فائونڊيشن ٿر ۾ باهه متاثرن جي وڌ کان وڌ واهر ڪئي آهي اسان جون ڪوششون آهن ته غريب ماڻهن جي وڌ کان وڌ مدد ڪيون هن چيو ته ڊاڪٽر خرم رشيد جي ڪوششن سان هن وقت ٿر ۾ وڌ کان وڌ ڳوٺن ۾ سولر پمپ ذريعي ڳوٺاڻن کي پاڻي جون سهولتون ڏنيون وڃن پيون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو