ڳوٺ دلدار سميجو ۾ سڀاڻي مفت طبي ڪيمپ لڳندي،ماهر ڊاڪٽر شرڪت متوقع

ڳوٺ دلدار سميجو ۾ سڀاڻي مفت طبي ڪيمپ لڳندي،ماهر ڊاڪٽر شرڪت متوقع

سکر (خاص رپورٽ)واليڏنو مسڪين فائونڊيشن پاران سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پنوعاقل ۽ قيو سنڌيز (Q Sindhis) جي سھڪار سان ھڪ ڏينھن جي مفت ڪئمپ عوامي ھائوس ڳوٺ دلدار سميجو يونين ڪائونسل نوراجا تعلقي پنوعاقل ۾ 11 سيپٽمبر آچر ڏينهن صبح 9 وڳي کان منجهند 02 وڳي تائين لڳائي ويندي. جنھن ۾ نوراجا ڄائي سائين سرور سيف جا فرزند، ڊاڪٽر سجاد سرور ، ڊاڪٽر نويد سرور ۽ نياڻيون ڊاڪٽر فرحانه محسن ۽ ڊاڪٽر خالده جواد ۽ سکر جا مشهور سرجن ڊاڪٽر عبدالسميع ميراڻي ۽ سکر جا مشهور فزيشن ڊاڪٽر بشير احمد چانڊيو پنهنجي ٽيم سميت موجود ھوندا. هن ميڊيڪل ڪئمپ ۾ مختلف بيمارين جهڙوڪ گيسٽرو ،ملو ۽ ڊائريا بخار اسڪن ،فٽ فرڙي، جوڙن جي سور، پيشاب جي تڪليف ۽ زائفاڻين بيمارين وغيره جو دوائون دستياب هونديون. پاڙيسري ڳوٺ وارن کي اپيل آهي ته سڀ دوست هن سھولت مان وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو