ڳوٺ جي پل ڪمزور هئڻ سبب ڊهي پئي

ٺٽو(رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ)ڳاڙهو ويجهو اڏيرو بئراج جي 183 آر ڊي وٽان ڳوٺ حاجي محمد يوسف گبول جي پل ڌماڪي سان ڊهي پئي، ڳوٺاڻن جي شهر سان آمدورفت سخت متاثرڳاڙهو ويجهو اڏيرو بئراج جي آر ڊي 183 وٽان ڳوٺ حاجي محمد يوسف گبول جي پل ڪافي سالن کان ڪمزور هئڻ سبب ڌماڪي سان ڊهي پئي، جنهن سبب ڪيترن ئي ڳوٺن جو شهر سان زميني رابطو معطل ٿي ويو آهي. انهي سلسلي ۾ ڳوٺاڻن عبدالرحمان گبول، غلام مصطفيٰ گبول ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڪيترا ئي ڀيرا هتان جي تڪ جي چونڊيل نمائندن کي چيو پر ڪنهن به اسان جي واهر نه ڪئي، پل ڪمزور هئڻ ڪري خوفناڪ بڻجي وئي هئي، وڏو نقصان يا حادثي جو انڌيشو هو پر الله جو شڪر آهي جو جاني نقصان نه ٿيو ۽ پل پاڻمرادو ڊهي پئي. جنهن سبب شهرن توڙي مختلف علائقن سان اسان جو زميني رانطو ڪٽجي ويو آهي. ضلعي عملدارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته جلد کان جلد پل بحال ڪرائي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو