ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سياسي مخالفت سبب پوليس جي ڳوٺ جمال الدين سميجو تي چڙهائي، اسڪول ڊاهڻ، زمين تي قبضو ڪرڻ، گهرن ۾ گهڙي چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪرڻ، مردن ۽ عورتن کي گرفتار ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي محبوب علي سميجو ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته سندن تعلق غوثيه جماعت سان آهي ان ڪري مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪري هيسايو پيو وڃي. هن دعوي! ڪئي ته ڪجهه ڏينهن اڳ عمر ڪوٽ ضلعي جون 12 پوليس موبائيلون ساڻ ڪري اسانجي ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي وئي. هن الزام هنيو ته پوليس جي سرپرستي ۾ هٿيار بند ماڻهو زمين تي ويهاريا ويا آهن. محبوب علي ٻڌايو ته پوليس ڪوڙي ڪيس ۾ منهنجي والد ارباب علي، چاچي محمد عرس، منهنجي ڀاءُ اعجاز علي ۽ شوڪت علي کي اسانجي هارين کي ڪوڙو ڪيس ڪري گرفتار ڪيو آهي. منهنجو والد روپوش آهي ۽ باقي مٿي ڄاڻايل گرفتار آهن. اسانجي عورتن کي به پوليس گم ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسين زمين الله ڏتو لاشاري کان خريد ڪئي آهي جنهن تي پي پي اڳواڻ ممتاز علي لاشاري ڪوڙو کاتو ٺهرائي پنهنجي ڊي ايس پي سوٽ ذوالفقار لاشاري جي مدد سان چڙهائي ڪري چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پامال ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته ڄاڻيل زمين جي مالڪي جي حوالي سان عمر ڪورٽ جي سول ڪورٽ ۾ ڪيس به هلندڙ آهي ۽ هي پوليس گردي عدالتي حڪم جي به خلاف آهي. هن چيو ته اسانکي سياسي مخالفت جي سزا پئي ڏني وڃي. اسين سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ جي گورنر، وڏي وزير، ڪور ڪمانڊر ۽ آءِ ي سنڌ کي اپيل ٿا ڪريون اوهان ڀلي جانچ ڪرايو. هن چيو ته اسانجي سڀني وس وارن کي اپيل آهي ته اسانکي انصاف ڏياريو وڃي. هنن الزام هنيو ته پوليس سياسي وانگار پئي وهي ۽ آءِ جي سنڌ کي اپيل آهي ته هو پاڻ جانچ ڪرائي پوليس جون زيادتيون بند ڪرائي.










