نئون ڪوٽ (ن سنڌيار) نئون ڪوٽ جي وارڊ نمبر 3. 4. 5.ڍورو وال جهمرو وال جي رهواسين جو پبلڪ هيلٿ انتظاميا پئيڻ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو پئيڻ جي پاڻي جا ستايل روڊن تي نڪري آيا پبلڪ هيلٿ کاتي ميرپور خاص انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڌرڻو ڇتي نعري بازي پاڻي نه ڏنو ويو ته پبلڪ هيلٿ کاتي ميرپور خاص جي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻندا سين رهواسين جو چتاءُ چونڊيل نمائندا نوٽيس وٺن تفصيل موجب نئون ڪوٽ جي وارڊ نمبر 3. 4. 5 ڍورو وال جهمرو جي رهواسين پريم مالهي ديوڪي ڪرماني دليپ مالهي دولت رام پرديپ مهيشوري پپو قائمخاني عابد قائمخاني ۽ رهواسين پبلڪ هيلٿ کاتي ميرپور خاص پاران پئيڻ جو پاڻي بند ڪرڻ خلاف نئون ڪوٽ ميرپوخاص مين روڊ شهيد بينظير چوڪ تي پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽پبلڪ هيلٿ کاتي ميرپور خاص انتظاميا خلاف ڇتي نعري بازي ڪئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته هڪ مهيني کان اسان جو پبلڪ هيلٿ انتظاميا پئيڻ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي پئيڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهيون پاڻي نه هئڻ ڪري اسان ٻهراڙين جي نلڪن تان پئيڻ جو پاڻي ڀرڻو ٿو اسان پبلڪ هيلٿ کاتي ميرپور خاص جي ايس ڊي او انجنيئر کي به شڪايتون ڪيون آهن مگر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي واٽر سپلائي اسڪيم انتظاميا کي فون ڪريون ٿا ته اهي چون ٿا ته اسان کي مٿين آفيسرن جي منح ڪيل آهي هاڻ اسان دانهن ڏيون ته ڪنهن کي ڏيون هتان جي چونڊيل نمائندن کي به شڪايتون ڪيون آهن پر ڪنهن جي ڪن تي جون به نٿي سري واٽر سپلائي انتظاميا پاڻي ڏيڻ جا پئيسا گهري رهئي آهي نه ڏيڻ تي اسان جي وارڊن جا وال بند ڪري اسان کي مسلسل تنگ ڪيو پيو وڃي اسان مجبور ٿي نهٽڻ اس ۾روڊن تي نڪتا آهيون هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پاڻي نه ڏنو ويو ته ٻه ڏينھن بعد پبلڪ هيلٿ کاتي ميرپور خاص جي آفيس اڳيان پهچي ڌرڻو هنيو ويندو هوڏانهن پبلڪ هيلٿ کاتي ميرپور خاص جي ايس ڊي او نعيم ميمڻ ۽انجنيئر سهيل لغاري سان فون تي رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻنهي جا نمبر مسلسل بند پيل آهن










