راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ پارٽي چيئرمين بئريسٽر گوهر سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي عمران خان جي وڪيل خالد يوسف چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ باني علي امين گنڊاپور ۽ بئريسٽر گوهر ڳالهين جي حامي ڀري آھي،هن چيو ته علي امين گنڊاپور ۽ بئريسٽر گوهر اجازت وٺڻ آيا هئا ته جيڪڏهن اجازت هجي ۽ اسٽيبلشمينٽ رابطو ڪري ته ڪهڙي ڳالهه تي ڳالهيون ڪيون وڃن؟ ان تي عمران خان چيو ته ڳالهيون انهن سان ٿينديون جن وٽ اختيارهوندو، خالد يوسف موجب پي ٽي آءِ جي باني پنهنجي مطالبن تي ڳالهين جي اجازت ڏيندي چيو ته 24 نومبر جو احتجاج مطالبن جي مڃتا تي ئي ختم ٿيندو، هن چيو ته علي امين گنڊاپور تحريڪ انصاف جي باني کي احتجاج جي تيارين بابت آگاهه ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان هدايت ڪئي ته خميس تائين مطالبا تسليم ڪيا وڃن ته ٺيڪ نه ته ڀرپور احتجاج ڪيو وڃي. هن چيو ته جيڪو پٽي آءِ جو ايم اين اي، ايم پي اي ۽ ٽڪيٽ هولڊر يا عهديدار احتجاج ۾ شرڪت نه ڪندو ان کي پارٽي مان ڪڍيو ويندو يا هو پارٽي پاڻ ڇڏي وڃن.
ڇ










