مستونگ(ويب ڊيسڪ) بلوچستان نيشنل پارٽي يعني بي اين پي (مينگل) جي اڳواڻ سردار اختر مينگل اعلان ڪيو آهي ته 6 اپريل تي لڪ پاس وٽ لڳل ڌرڻو ڪوئٽا ڏانهن لانگ مارچ شروع ڪندا. حڪومتي نمائندن سان ڳالهين جا ٽي دور ناڪام ٿيڻ بعد هن ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته جيسين ڊاڪٽر ماهه رنگ بلچ سميت گرفتار بلوچ عورتون آزاد نه ٿيندا، سندن احتجاج جاري رهندو. هن حڪومت کي خبردار ڪيو ته اوهان ڪوئٽا ويندڙ رستي تي کڏون کوٽي رهيا آهيو ۽ ڪنٽينر رکي رڪاوٽون پيدا ڪيون ويون آهن. مارچ کي روڪيو ويو ته ڪارڪن پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندا ۽ جيڪڏهن ڪجهه به ٿيو ته نقصان جي ذميواري حڪومت تي هوندي. جمعي ڏينهن لڪ پاس تي لڳل ڌرڻي کي لڳاتار ستون ڏينهن آهي ته ڌرڻو جاري آهي. ڌرڻي ۾ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جي ڀيڻ ناديه بلوچ سميت عورتن جو وڏو انگ به شريڪ آهي. ڌرڻي وارن عيد نماز به روڊ تي ادا ڪئي هئي.ياد رهي ته اختي مينگل جي ڌرڻي بعد ڪراچي ۾ ايم پي او هيٺ نظربند ڪيل سمي دين بلوچ کي سنڌ حڪومت آزاد ڪيو هو پر ڪوئٽا ۾ گرفتار ماهه رنگ بلوچ ۽ ٻين کي آزاد ناهي ڪيو ويو. بلوچستان حڪومت جو چوڻ آهي ته ماهه رنگ بلوچ تي سنگين ڪيس داخل آهن ۽ کيس انتظامي حڪم سان آزاد نٿو ڪري سگهجي. ڊي آءِ جي ڪوئٽا مسٽر گورايا بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند سان گڏ ڪيل پريس ڪانفرس ۾ چيو هو ته جعفر ايڪسپريس تي حملو ڪندڙ بي ايل اي جي ڪارڪنن مان 5 جا لاش زوري بلوچ يڪجهتي ڪميٽي اسپتال مان کڻي وئي هئي جن مان ٽي لاش پوليس واپس ڪرايا. واضح رهي ته گذريل 4 ڏينهن کان ڪوئٽا ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند آهي.










