ڪراچي(ويب ڊيسڪ)باليووڊ جي ليجنڊري ڳائڻي آشا ڀوسلي، جيڪا هڪ ثقافتي علامت بڻجي وئي هئي، 92 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آهي، جنهن جي تصديق سندس پٽ ڪئي آهي۔
ڀارتي پلي بيڪ سنگنگ جي بي مثال راڻي ممبئي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، جتي کيس دل جي دوري کان پوءِ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو۔
سندس وفات سان باليووڊ موسيقي جي هڪ دور جو خاتمو ٿي ويو آهي. سندس ڪيريئر اٺ ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تي پکڙيل رهيو ۽ 12 هزار کان وڌيڪ گيتن تي مشتمل هو۔
ڀوسلي جي منفرد آواز ڪيترن ئي فلمن جي گيتن ۾ جان وجهي ڇڏي، جتي اداڪار سندس يادگار گيتن تي لپ سنڪ ڪندا هئا۔
باليووڊ ۾ سندس وسيع موجودگي کيس 1997 جي هِٽ گيت “Brimful of Asha” ذريعي خراجِ تحسين ڏياريو، جڏهن ته هن برطانوي موسيقار Boy George سان به عالمي سطح تي گڏ ڪم ڪيو۔
سندس آواز ۾ اهڙي ڪشش هئي، جيڪا مداحن کي نچڻ ۽ گڏ ڳائڻ تي مجبور ڪندي هئي، ۽ اهڙي طرح سندس موسيقي نسلن لاءِ هڪ ساؤنڊ ٽريڪ بڻجي وئي۔ سندس وفات جي خبر تي سوشل ميڊيا تي خراجِ تحسين جو وڏو سلسلو شروع ٿي ويو۔
ڀارت جي وزيراعظم نريندرا مودي کيس “ڀارت جي سڀ کان علامتي ۽ گهڻ رخين آوازن مان هڪ” قرار ڏنو۔ هن X تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سندس “غير معمولي موسيقي سفر” قومي ثقافتي ورثي کي مالا مال ڪيو ۽ “دنيا ڀر جي بي شمار دلين کي ڇهيو”۔
اداڪارا ۽ سياستدان هيما مالني پنهنجي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ڳائڻي جي وفات “مون لاءِ خاص طور ڏکيو آهي، ڇو ته منهنجو آشاجي سان جذباتي تعلق رهيو آهي. هن پنهنجي منفرد آواز ۽ انداز سان منهنجا ڪيترائي گيت مشهور ڪيا”۔
موسيقارشنڪر مهاديو چيو ته “اڄ هر ڀارتي جو دل ٽٽل آهي”، ۽ وڌيڪ چيو ته سندس موسيقي “ان وقت تائين ڪڏهن به ختم نه ٿيندي، جيستائين انسانيت موجود آهي”۔
اهي خراجِ تحسين ڀوسلي جي غير معمولي فنڪاري جي وڏي سڃاڻپ کي ظاهر ڪن ٿا۔ سندس آواز، جيڪو رومانوي گيتن کان وٺي تيز رفتار ڌنن تائين آساني سان ڦرندو هو، کيس هر صنف جي موسيقارن لاءِ پهرين پسند بڻائي ڇڏيو۔
سندس وسعت ۽ توانائي هر گيت کي جشن بڻائي ڇڏيو ۽ نسلن لاءِ باليووڊ جي آواز کي شڪل ڏني۔
“دم مارو دم”، “پيا تو اب تو آجا” ۽ “مهندي هي رچني والي ” جهڙن گيتن کان وٺي، سندس ورسٽائل هجڻ جي ڪا حد نه هئي۔تيسريمنزل، ڪاروانيادون ڪي بارات، اجازت ۽ ساگر جهڙين، فلمن ۾ سندس يادگار ڪم شامل آهي، جڏهن ته “امرائو جان ادا” کي سندس ڪيريئر جو اوج سمجهيو ويندو آهي۔
جڏهن ته لتا منگيشڪر ڪلاسيڪي نفاست جي علامت هئي، ڀوسلي پنهنجي گيتن ۾ جرئت ڀري توانائي آندي۔
هن جي موسيقار آر ڊي برمن سان ڀائيواري باليووڊ جي سڀ کان علامتي گڏيل ڪمن مان هڪ هئي،انهن گڏجي هڪ اهڙو آواز تخليق ڪيو جنهن صنعت ۾ انقلاب آندو۔
هوءَ 8 سيپٽمبر 1933 تي مهاراشٽر ۾ پيدا ٿي ۽ مشهور منگيشڪر خاندان سان تعلق رکندڙ هئي۔ پنهنجي پيءُ ديناناٿ منگيشڪر کان موسيقي سکندي، هن 1943 ۾ پنهنجي پهرين گيت ڳايو۔
1950 ۽ 1960 واري ڏهاڪي ۾ سندس ڪيريئر اوج تي پهتو، جتي هن فلمي گيتن، غزلن، ڀڄنن، قوالين ۽ پاپ ۾ پنهنجو نالو ٺاهيو۔
هن محمد رفيع، ڪشور ڪمار ۽ منا ديو جهڙن ليجنڊز سان گڏ گيت ڳايا، جيڪي اڄ به ڪلاسيڪ سمجهيا وڃن ٿا۔
سندس ذاتي زندگي به سندس ڪيريئر وانگر رنگين رهي۔ 16 ورهين جي عمر ۾ هنگنپت رائو ڀوسلي سان شادي ڪئي، جيڪا بعد ۾ جدا ٿي وئي۔ 1960 ۾ هن ٽن ٻارن سان گڏ اڪيلي زندگي شروع ڪئي، ۽ پوءِ 1980 ۾ برمن سان شادي ڪئي۔
وقت سان گڏ هن عالمي فنڪارن سان به ڪم ڪيو، جنهن ۾ بريٽ لي سان گڏ 2007 ۾ گيت به شامل آهي۔
2023 ۾ هن دبئي ۾ پنهنجي 90هين سالگره ملهائي ۽ لائيو ڪنسرٽ ڪيو۔ 2020 ۾ هن آن لائين ٽيلنٽ شو “آشا ڪي آشا” شروع ڪيو ۽ يوٽيوب چينل به ٺاهيو۔
سندس آخري رڪارڊنگز مان هڪ ۾ هن برطانوي ورچوئل بينڊ Gorillaz سان گڏ 2026 جي البم “The Mountain” لاءِ ڪم ڪيو۔
هي گڏيل ڪم سندس ڪيريئر جو هڪ طاقتور اختتام ثابت ٿيو، جيڪو سندس ان صلاحيت کي ظاهر ڪري ٿو ته هوءَ صنفن، علائقن ۽ وقت جي حدن کان مٿانهين هئي.










