گھوٽڪي ( ن س)سنت راجا رام سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن جو ساراھ جوڳو قدم سنت راجا رام ايسوسيئيشن پاران غريب مسڪين ماروئڙن لاء ٻن ڏينهن واري مفت اکين جي ميڊيڪل ڪئمپ سنت راجا اسپتال ميرپورماٿيلو ۾ قائم مشھور اکين جي ڊاڪٽرن پاران سوين مريضن جو چيڪ اپ ڪيترن ئي مريضن جو بغير ٽانڪي آپريشن عينڪ ء مفت دوائون فراهم تفصيل موجب فلاحي تنظيم سنت راجا رام ايسوسيئيشن جي سھڪار سان سنت راجا اسپتال ۾ ٻن ڏينهن واري اکين جي مفت ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪئي وئي آھي جنھن ۾ گزريل ڏينھن اکين جي مشھور ڊاڪٽرن ڊاڪٽر راجيش ڪمار کيماڻي ڊاڪٽر ميھر چند تلريجا ۽ ٻين ڊاڪٽرن پاران سوين مريضن جو چيڪ ڪيو ۽ درجنين مريضن جو بغير ٽانڪي جي آپريشن ڪري مفت عينڪ ء دوائون فراهم ڪيون ويون جڏھن ته مفت اکين جي ڪئمپ اڄ ٻارنھن فيبروري تي به جاري رھندي ان سلسلي ۾ اکين جي ڪئمپ ۾ ايندڙ مريض سنت راجا رام ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اڳواڻن جي ساراھ ڪندي چيو آهي ته ھو غربت سبب اکين جو علاج ڪرائڻ کان قاصر ھئا سنت راجا رام ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اڳواڻن جا ٿورائتا آهيون جنھن فري ۾ علاج جي سھولت فراھم ڪري عملي مدد ڪئي آھي










