اسلام آباد ( بيورو) گڏيل قومن پاڪستان ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ عالمي برداري کان 160 ملين ڊالر هنگامي امداد جي اپيل ڪري ڇڏي. گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن کان هنگامي بنيادن تي مدد طلب ڪرڻ جي حوالي سان پرڏيهي آفيس ۾ تقريب ڪوٺائي وئي. گڏيل قومن جي سيڪرٽري جنرل انتونيو گوترين ويڊيو لنڪ ذريعي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين جي نتيجي ۾ انفراسٽرڪچر تباهه ٿي ويو، ٻوڏ سٽيلن لاءِ پاڪستان کي فوري امداد جي ضرورت آهي، گرين هائوس گئسز عالمي گرمي پد ۾ واڌ جو ڪارڻ بڻجي رهيون آهن، ٻوڏ متاثرن لاءِ پاڪستان کي 160 ملين ڊالر امداد جي ضرورت آهي.تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي هنگامي امداد جي اپيل ڪندي چيو ته موسمياتي تبديلي سبب هيٽ ويو پاڪستان ۾ سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ۽ ملڪ تيز برساتن ۽ ٻوڏ کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلي جي گهيري ۾ آهي.بلاول ڀٽو چيو ته 72 ضلعن ۾ ٽي ڪروڙ ماڻهو ٻوڏ سبب متاثر ٿيا، مواصلاتي نظام ۽ فصل برباد ٿي ويا ۽ معيشت کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي، متاثرن لاءِ خوراڪ، ڇت جي فراهمي ۽ بحالي وڏو چئلينج آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي متاثرن جي مدد ڪئي پئي وڃي.










