گڏيل قومن جو سيڪريٽري جي پاڪستان آمد،اڄ ٻوڏ متاثرن سان ملاقات ڪندو

گڏيل قومن جو سيڪريٽري جي پاڪستان آمد،اڄ ٻوڏ متاثرن سان ملاقات ڪندو

اسلام آباد(بيورو)گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو آهي. هو ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندو.پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو استقبال ڪيو.انتونيو گوتريس سوشل ميڊيا تي عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته ٻوڏ متاثرن جي وڏي پئماني تي مدد ڪئي وڃي، پاڪستان موسمياتي تبديلي جي تباهي کي منهن ڏئي رهيو آهي.پاڪستان اچڻ کان اڳ نيويارڪ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عالمي برادري ڏکيائين ۾ عوام سان يڪجهتي جو مظاهرو ڪري.انتونيو گوتريس وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ۽ اتحادي حڪومت جي ٻين اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو