گڏاڻي جيل جي وارڊن کي ٽن روسي قيدياڻين قتل ڪري ڇڏيو

حب (ڊيسڪ نيوز) بلوچستان جي ضلعي لسٻيلي ۾ قائم گڏاڻي سينٽرل جيل ۾ عورت قيدين واري بيرڪ جي انچارج وارڊن 23 سالن جي زويا ناز کي 03 روسي قيدياڻين قتل ڪري ڇڏيو آهي. گڏاني جيل جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ پاران داخل ڪرايل ايف آءِ آر مطابق زويا ناز رات جي ڊيوٽيءَ تي مقرر هئي جنهن جو لاش اڱاري ڏاهڙي رت ۾ رڱيل حالت ۾ مليو آهي. زويا ناز گڏاڻي شهر جي رهواسڻ هئي ۽ هوءَ سومر ڏهاڙي 05 وڳي ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ جيل پهتي. اڱاري ڏينهن صبح جو جيل عملدار عورتن واري بيرڪ ۾ پهتا ته زويا جو لاش پٽ تي پيل مليو. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته بيرڪ جي ٻين قيدياڻين ٻڌايو ته رات جي ساڍي 12 وڳي روسي قيدياڻين زويا کي رسين سان ٻڌي سندس مٿي تي سيمينٽ جو بلاڪ هنيو جنهن جي نتيجي ۾ زويا ٿڏي تي ئي مارجي وئي. ٽنهي روسي قيدياڻين مٿان پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلم 302 ۽ 34 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. روسي قيدياڻين کي غيرملڪي ايڪٽ تحت ڪوئيٽا مان گرفتار ڪيو ويو هو، سندن سزا ختم ٿيڻ بعد کين ڊي پورٽ ڪرڻ واري ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ خاطر گڏاڻي جيل آندو ويو. حب جي اي ايس پي پوليس نويد عالم ٻڌايو آهي ته ابتدائي جاچ مان پتو پيو آهي ته مسلمان روسي قيدياڻين جو جيل وارڊن زويا سان مذهبي معاملي تي بحث ٿيو هو. وڌيڪ تحقيقات ٿي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو