گڏاڻي برادري جو ڪٺ، وڏيرن کي ووٽ نه ڏينداسين

خانپورمهر (رپورٽ:آفتاب سيال)ڳوٺ نظر علي گڏاڻي ۾ گڏاڻي برادري جي 28 کان وڌيڪ پاڙن جي ماڻهن خير محمد خان گڏاڻي، بادشاهه خان گڏاڻي جي اڳواڻي ۾ هڪ ڪٺ ٿيو. جنهن ۾ مختلف پاڙن سان تعلق رکندڙ سکر ڊويزن جي گڏاڻي ڌر جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪٺ ۾اتفاق راءِ سان اهو فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڀرپور نموني سان حصو ورتو ويندو. ڪٺ ۾ شريڪ ڪيترن ئي پاڙن جي ماڻهن پنهنجي تڪن ۾ چونڊيل نمائندن پاران ڪوبه ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ جون شڪايتون ڪندي دانهيو ته چونڊيل نمائندن ووٽ وٺڻ بعد وري تڪ جو منهن به نٿا ڪن ۽ نه وري ڪي به ترقياتي ڪم ڪرائين ٿا. هاڻي روايتي ڀوتارن ۽ وڏيرن کي ووٽ نه ڏينداسين اسين پنهنجا اميدوار بيهارينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو