گڊو پاور هائوس ۾ خرابي، اڌ ملڪ بجلي کان محروم

گڊو پاور هائوس ۾ خرابي، اڌ ملڪ بجلي کان محروم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ملڪ جي ڏاکڻي ٽرانسميشن سسٽم ۾ حادثي سبب ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي. ڪراچي ۾ راشد منهاس روڊ، گلستان جوهر، لياقت آباد سي ون ايريا، فيڊرل بي ايريا بلاڪ 13، 12، 11، ناظم آباد بلاڪ نمبر 4 ۽ 3 سميت مختلف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل آهي. ان کان علاوه لانڍي، ملير، ماڊل ڪالوني، کارادر، لياري، اولڊ سٽي ايريا، ملير هالٽ ۽ رفاه عام ۾ به بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. سٽي ڪورٽس ۽ احتساب عدالتن سميت گلشن جمال، ملينيم مال، ڊالميا روڊ، گلستان جوهر ۽ گلشن اقبال جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي به معطل رهي. ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي ۽ پي اي سي ايڇ سوسائٽي جي مختلف علائقن جا رهواسي به بجلي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته شهر ۾ مختلف هنڌن تي بجلي بند ٿيڻ جا اطلاع آهن، جنهن جي جاچ ڪئي پئي وڃي. ان کان علاوه جيڪب آباد، شڪارپور، سبي، دادو، راڄن پور، گهوٽڪي سميت رحيم يار خان شهر ۾ بجلي جي فراهمي معطل آهي. پاور ڊويزن طرفان جاري ڪيل بيان موجب ملڪ جي ڏاکڻين ٽرانسميشن سسٽم ۾ حادثاتي خرابي سبب ڪيترائي ڏاکڻين پاور پلانٽ مرحليوار ٽرپ ڪري رهيا آهن، جنهن سبب ملڪ جي ڏاکڻي حصي ۾ بجلي جي ٽرانسميشن ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو