اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): ملڪ بھر ۾ گڊز ٽرانسپورٽرن جي هڙتال اڄ چوٿين ڏينهن به جاري آهي، جڏهن ته هڙتال ختم ڪرائڻ لاءِ ٽرانسپورٽرن جا اڄ اسلام آباد ۾ وفاقي وزيرن سان اهم مذاڪرات ٿيندا. ذريعن موجب گڊز ٽرانسپورٽرن ۽ حڪومت وچ ۾ ان کان اڳ ٿيل ٽئي رائيونڊ ناڪام ويا هئا. اڄ ٿيندڙ چوٿين رائيونڊ ۾ وفاقي وزير مواصلات ۽ وزير پيٽروليم پاران ٽرانسپورٽرن جي مطالبات تي غور ڪيو ويندو. اجلاس دوران پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ روزاني جي بنياد تي ردوبدل، موٽر ويز تي ٽول ٽئڪس ۽ ڳرا ڏنڊ گھٽائڻ واري پاليسيءَ تي نئين سر جائزو ورتو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته مذاڪرات ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ وفاقي وزير ۽ ٽرانسپورٽ اڳواڻ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندا.










