ڪراچي (اسٽاف رپورٽر )سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ جي صدارت هيٺ ڪي اليڪٽرڪ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير ساجد جوکيو ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي سيڪريٽري انرجي ابوبڪر مدني ۽ ٻين شرڪت ڪئي، توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ سي اي او ڪي اليڪٽرڪ کي گڊاپ ٽائون جي فوري طور تي بجلي بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي اجلاس دوران گڊاپ ٽائون جي بجلي بحال ٿي وئي، سنڌ جي توانائي واري وزير چيو ته مسئلي جو فوري حل ڪڍيو وڃي، سي اي او ڪي اليڪٽرڪ صوبائي وزير امتياز احمد شيخ کي خاطري ڪرائيندي چيو ته رات 11 وڳي گڊاپ ٽائون جو دورو ڪري لاڳاپيل نمائندن ۽ عوام سان ملاقات ڪري مسئلي جو حل ڳوليندس. سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو آهي ته ڪراچي جي گڊاپ، لياري ۽ ٻين علائقن مان اوور لوڊشيڊنگ ۽ اوور بلنگ جون شڪايتون عام آهن، هن چيو ته اسان جو فرض آهي ته ڀلاري مهيني جو احترام ڪريون ۽ گهٽ ۾ گهٽ هن مقدس مهيني ۾ عوام کي رليف ڏيون. ان موقعي تي صوبائي وزير ساجد جوکيو چيو ته جيڪڏهن ڪو گراهڪ ڪي اليڪٽرڪ وٽ شڪايت کڻي وڃي ٿو ته ڪي اليڪٽرڪ جي عملي سان ملڻ نه رڳو ڏکيو پر ناممڪن آهي، ساجد جوکيو چيو ته گڊاپ ۾ ڪو به ڪسٽمر ڪيئر سينٽر ناهي. ڪافي پري وڃڻو آهي، جنهن تي سنڌ جي توانائي واري وزير سي او ڪي اليڪٽرڪ کي هدايت ڪئي ته هو عوام جي سهولت لاءِ سهولت سينٽر قائم ڪري. جنهن تي سي اي او ڪي اليڪٽرڪ هڪ ڏينهن ۾ سينٽر قائم ڪرڻ جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته اسان مهانگي بجلي پيدا ڪري مفت ۾ نه ٿا ڏئي سگهون پر ان جي باوجود پمپنگ اسٽيشنون هلائي رهيا آهيون جنهن تي ساجد جوکيو چيو ته اسان جي مسجدن ۾ چئن ڏينهن کان وضو ڪرڻ لاءِ به پاڻي ناهي،چئن ڏينهن ۾ ڪا به پمپنگ اسٽيشن نه هلي آھي جنهن تي سي اي او ڪي اليڪٽرڪ ٻڌايو ته گڊاپ ٽائون تي 250 ملين کان وڌيڪ جو بقاياجات آهي، گڊاپ ٽائون جي ٽن فيڊرز جا تفصيل ڏيندي سي اي او ڪي اليڪٽرڪ چيو ته دانش فارم فيڊر تي 54 سيڪڙو چوري ۽ لائين لاسز 75 سيڪڙو آهن. ليٽ فيڊر تي 70 سيڪڙو چوري ۽ 85 سيڪڙو لائين لاسز ۽ آغا شهيد ليڊر تي 66 سيڪڙو چوري ٿي ۽ جڏهن ته لائين لاسز 82 سيڪڙو آهن، جنهن تي سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو ته اوور بلنگ جون شڪايتون حل ڪيون وڃن، ڪي اليڪٽرڪ وارا ماڻهن کي اوور بل موڪليندا ته پوءِ ماڻهو اهي بل ڇو ادا ڪندا؟










