گٽر جو پاڻي نه نيڪالي ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

گٽر جو پاڻي نه نيڪالي ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

مانجهند )ن سنڌيار)مانجهند ۾ بجلي جي شديد لوڊشيڊنگ ۽ گٽرن جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف هاء اسڪول جي استادن شاگردن شھرين شاهي بازار مان ريلي ڪڍي انڊس هاء وي تي ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي ان موقعي تي ڊي ڊي او ڄامشورو ۽ هاء اسڪول هيڊ ماستر محمد صالح ميمڻ عبدالطيف ميمڻ سيف الله ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت شھر ۾ 18 ڪلاڪ بجلي بند رهي تي جڏھن ت باقي 6 ڪلاڪن ۾ ھٿرادو فالٽ ڄاڻائي بجلي الڳ بند ڪئي وڃي ٿي جنهن سبب شاگرد شاگردياڻيون گرمي ۾ بي حال ٿي وڃن ٿا جنهن سان تعليم سخت متاثر ٿئي ٿي جڏھن ٽائون انتظاميا جي نااهلي سبب شھر مان وڏي عرصي کان گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آھي هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ت گندو پاڻي نيڪال ڪرائي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو