لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وناسپتي مينو فيڪچرز ايسوسيئيشن گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل جي قيمتن ۾ 15 روپيه في ڪلو تائين اضافي جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.تفصيل موجب پاڪستان وناسپتي مينو فيڪچرز ايسوسيئيشن سموري ملڪ جي صارفين کي خبردار ڪيو آهي ته وفاي بجيٽ ۾ سيلز ٽيڪس جي طريقيڪار ۾ ڪيل تبديلين سبب گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل جي قيمتن ۾ 10 کان 15 روپيه في ڪلو گرام تائين اضافو ٿي سگهي ٿو.پي وي ايم اي جي چيئرمين شيخ عمر ريحان بجيٽ قدمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته فنانس بل ۾ ٿرڊ شيڊول جي دائري کي وڌايو ويو آهي جنهن جي تحت هاڻ ٽيڪس جي وصولي ميڪسمم ريٽيل پرائس(وڌ کان وڌ پرچون قيمت) جي بنياد تي ڪئي ويندي.هن واضح ڪيو ته انهي نئين نظام سبب گيهه ۽ آئل انڊسٽري تي ٽيڪسز جو بار وڌيڪ وڌي ويندو ۽ مينو فيڪچرز وٽ انهي اضافي لاڳت جو بار صارفين تي منتقل ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪوبه حل نه آهي جنهن جي نتيجي ۾ سموري ملڪ ۾ گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل مهانگو ٿي ويندو.ايسوسيئيشن جي چيئرمين جو چوڻ هو ته گيهه ۽ آئل انڊسٽري اڳ ئي ڳرن ٽيڪسز هيٺيان دٻيل آهن. پي وي ايم اي بجيٽ کان اڳ حڪومت کان باقاعده مطالبو ڪيو هو ته کاڄرو تيل ۽ گيهه تي ٽيڪسز جي شرح ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي ته جيئن عام عوام کي سستيون شيون فراهم ڪري سگهجن. پر حڪومت رليف ڏيڻ جي بجاءِ مينو فيڪچرز تي مالي بار وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي.ايسوسيئيشن حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته هو انهي فيصلي تي نظرثاني ڪري ۽ بجيٽ ۾ انڊسٽري کي رليف فراهم ڪري ته جيئن کاڌي پيتي جي شين تي مهانگائي کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ۽ عوام کي وڌيڪ مالي پريشاني کان بچائي سگهجي.










