اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي 37 سيٽن تي چونڊ سڀاڻي 3 مارچ تي ٿيندي، سينيٽ جي 48 سيٽن تي ٿيندڙ چونڊ مان پنجاب صوبي جا 11 سينيٽر بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن، جنهن کان پوءِ باقي بچندڙ 37 سيٽن تي سينيٽ جي چونڊ سڀاڻي 3 مارچ تي ٿيندي، سنڌ صوبي مان 11 سيٽن، جڏهن ته بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي مان 12- 12 سيٽن تي چونڊ ٿيندي، اهڙي ريت اسلام آباد جي هڪ جنرل ۽ هڪ عورتن جي سيٽ تي مقابلو ٿيندو، اسلام آباد جي سيٽ تي حڪومتي اميدوار ناڻي واري وزير حفيظ شيخ ۽ پي ڊي ايم جي گڏيل اميدوار يوسف رضا گيلاني وچ ۾ مقابلو سڄي ملڪ جي سياسي حلقن توڙي ميڊيا لاءِ ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي.ٻنهي ڌرين پاران ڪاميابي جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي. اڄ پيپلز پارٽي پاران اتهادي جماعتن جي اڳواڻن جي مان ۾ ڊنر رکيو ويو آهي جنهن ۾ مولانا فضل الرحمان، مريم نواز، حمزه شهباز شريف سميت پي ڊي ايم جا اڳواڻ شرڪت ڪندا.










