گيس ڏيو، راڳ ڳائي احتجاج ڪرڻ جو انوکو انداز

گيس ڏيو، راڳ ڳائي احتجاج ڪرڻ جو انوکو انداز

مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي)لاکا شهر ۽ آس پاس جي ڳوٺن کي گئس ڏيڻ لاءِ انوکي انداز ۾ احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو. لاکا شھر ۾ يڪتاري  چپڙي تي راڳ ڳائي انوکو احتجاجي ڪندي نعريبازي ڪندي ڌرڻو هڻي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. قدرتي وسيلا  جدوجهد ڪميٽي جي سڏ تي گئس ۽ سهولتون نه ملڻ خلاف ايس يو پي، جي يوآءِ ، جسقم ، شھرين ۽ مختلف سياسي سماجي ڪارڪنن جو  شاهي بازار مان ريلي ڪڍي يڪتارو چپڙي وڄائي صوفي  راڳ ڳائي انوکو احتجاج  ڪندي سائين جي ايم سيد چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪري چونڊيل نمائندن ۽ ڊي سي ڄامشورو خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ايس يو پي ڊويزن حيدرآباد جي صدر ۽ جدوجهد ڪميٽي جي ڪنوينر ايڊووڪيٽ خدابخش ٿيٻو مولانا سڌير احمد رند  گلشير کوسو محمد عمر ابڙو  علي نواز ڪنڀر علي اصغر ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ اٺين مارچ تي پوري دنيا ۾ عورتن جو عالمي ڏھاڙو ملهايو پيو وڃي انهن جي حقن جي حوالي سان سيمينار منعقد ڪري صنفي برابري تي ڳالهايو ويندو ۽ ھتي اسان جي تعلقي مانجهند جي عورت سان تمام وڏو ظلم آھي هن جديد دور ۾ به اسان جي عورت آلين ڪاٺين ۽ ڪڇن ڇيڻن تي رڌ پچاءُ ڪري پنهنجي اکين جو نور نچوڙي رهي آھي جڏھن ته علي آباد ۽ انڙپور ۾  سندن زمينن مان  وڏي مقدار ۾ گئس جي پيداوار به دريافت ڪئي وئي آھي هن وڌيڪ چيو ت اسان وقت جي حڪمرانن ۽ ملڪ جي اعلي عدالتن کان مطالبو ٿا ڪريون ته  عوامي احتجاجن جو نوٽيس وٺي شھرن ۽ ڳوٺن  کي ٻارڻ لا۽ گئس روزگار  سميت ٻيون بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو