گيس مهانگو، پيٽرول جي ليوي وڌائينداسين،آءِ ايم ايف کي يقين ڌياني

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کي يقين ڏياريو آهي ته هو جلد ملڪ ۾ گئس جي قيمتن ۾ واڌ ڪندو، پيٽرول تي ليوي به وڌائيندو.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ورچوئل ڳالهيون ٿيون، جنهن ۾ پاڪستان جي ناڻي واري سيڪريٽري حامد يعقوب شيخ جي سربراهي ۾ وفد ڳالهيون ڪيون، ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف جي مشن چيف ناٿن پورٽر به شرڪت ڪئي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني وفد کي اقتصادي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي ذريعن موجب پاڪستاني وفد کي گئس جي اگهن ۾ جلد واڌ جي فيصلي کان به آگاهه ڪيو، وفد چيو ته گيس جي قيمتن ۾ واڌ پهرين جولاءِ 2022 کان ٿيندي، پيٽروليم شين تي ليوي به مرحليوار وڌي رهيو آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته رپئي جي قدر کي مصنوعي طور تي نه روڪيو وڃي، بجلي تي سبسڊي به ختم ڪئي وڃي، ٽيڪس ۽ جي ڊي پي جي تناسب کي وڌائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، مختلف شعبن کي ڏنل رعايتون به ختم ڪيون وڃن. هٽايو وڃي، ڪيو وڃي،ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف کان پروگرام بحال ڪرڻ تي اصرار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو