ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) توانائي بابت سنڌ جي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته مان اڳ ۾ به چيو هو ته سياري ۾ گئس جو وڏو بحران ٿيندو، مطالبو ڪيان ٿو ته گئس جي معاملي کي ڏٺو وڃي، گذريل سال به سياري ۾ وڏو بحران ٿيو هو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته گئس نه اچڻ جي ڪري ماڻهو وڏا پريشان ٿيندا، چون ٿا بجلي سستي ڪنداسين، پر بجلي آهي ئي ڪونه ته استعمال ڪيئن ڪنداسين. هن چيو آهي ته تيل، گئس بجلي جي قيمتن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي، مهانگائي عوام جون دانهون ڪڍي ڇڏيون آهن. صوبائي وزير چيو ته وفاقي حڪومت فيل ٿي چڪي آهي، زرعي ملڪ آهي پوءِ به اسان سموريون شيون درآمد ڪري رهيا آهيون، فيصلا هڪ ڪن ٿا وري منٽس ۾ ٻيا فيصلا شامل ڪيا وڃن ٿا، وفاقي وزير ايترو ڪوڙ هڻن ٿا هنن کي شرم اچڻ گهرجي، پر اهو به کين نٿو اچي. هن چيو ته گئس پيدا ڪندڙ صوبي کي گئس کان محروم رکيو ويو آهي سنڌ سان خصوصي دشمني ڪئي پئي وڃي، ماڻهن کي بيروزگار ڪيو وڃي ٿو، سپر ھيرو جي جنازي جي نماز ۾ به نه ويا، سنڌ جي وڏي وزير شرڪت ڪئي. هن چيو ته برطانوي ڪم بلاڪ 6 ۾ ڪم ڪرڻ چاهي ٿي پر وفاقي حڪومت انهن کي ڪم ڪرڻ نه ٿي ڏئي، سستي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ اها ڪمپني ڪم ڪرڻ چاهي پئي، قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ سي سي آئي جهڙن فورمن تي گئس معاملي سميت ٻين معاملن کي کڻي ويا آهيون، جهڙي قسم جا فيصلا اچي رهيا آهن سنڌ جا ماڻهو غير محفوظ ٿي ويا آهن.
سينيٽ چونڊن کان اڳ عورتن ۽ اقليتي ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، پرڏيهي آفيس
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران
پنجاب جي ضمني چونڊ، 10 ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو
ورلڊ اوپن اسڪواش: پاڪستان جو حمزه خان مين ڊرا ۾ شامل
سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي