ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اقليتن جي معاملن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي پاران مڪلي ۾ ماتا ڀواني جي سالياني ميلي ۾ خاص مهمان طور شرڪت. پرٻنڌ ڪميٽي ماتا ڀواني مندر مڪلي پاران منعقد ڪيل سالياني ميلي ۾ ھزارين ياترين شرڪت ڪئي.ان موقعي تي صوبائي وزير ماتا ڀواني مندر تي سولر سسٽم ۽ ٻين ترقياتي اسڪيمن جو پڻ افتتاح ڪيو صوبائي وزير ياترين کي ماتا ڀواني ميلي جون واڌايون ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ اقليتي برادري کي پنهنجا مذهبي ڏڻ ملهائڻ جي مڪمل آزادي آهي، ھن چيو تہ زائرين کي گذارش آهي ته ماتا ڀواني جي سالياني ميلي جي موقعي تي پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خاص عبادتون ڪن. صوبائي وزير چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي سنڌ حڪومت اقليتي برادري جي ڀلائي تي ڀرپور توجه ڏئي رهي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت اقليتي برادري جي عبادتگاهن تي رڪارڊ ترقياتي ڪم مڪمل ڪيا آهن ، جڏهن ته مندر، آشرم، شمشان گھاٽ ۽ ٻين مقدس هنڌن تي سوين ترقياتي ڪم جاري آهن. گيانچند ايسراڻي چيو ته سندس ڪوشش آهي ته هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين وڌ کان وڌ اسڪيمون مڪمل ڪيون وڃن. ھن چيو ته ھلندڙ هفتي اقليتي برادري جي شاگردن کان اسڪالرشپ لاءِ درخواستون گهرايون آهن، پهريون ڀيرو اسڪول جي شاگردن کي اسڪالرشپ پڻ ڏني پئي وڃي، ان کان اڳ صرف ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي شاگردن کي اقليتي معاملن واري کاتي پاران اسڪالرشپس ڏنيون وينديون هيون، گيانچند ايسراڻي چيو ته اسڪالر شپ خالص ميرٽ تي ڏني ويندي، جيڪو به ميرٽ تي پورو لهندو ان کي اسڪالرشپ ڏني ويندي، سفارش جي ڪابہ ضرورت ناهي، جنھن لاءِ آئي بي سکر جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن. صوبائي وزير چيو ته اقليتي برادري جي مستحق خاندانن کي مذهبي تہوارن تي رڪارڊ مالي امداد پڻ ڪئي وئي آهي. منهنجي ڪوشش آهي ته اقليتي برادري جي مستحق خاندانن کي شهيد محترما بينظير ڀٽو مينارٽي ڪارڊ جاري ڪيون ، ان تي ڪم ھلي پيو ، جلد هي پروگرام بينظير انڪم سپورٽ جي طرز تي شروع ڪيو ويندو.










