گوگل پاران 30 هزار ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو امڪان

گوگل پاران 30 هزار ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو امڪان

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)گوگل جي سرپرست ڪمپني الفابيٽ جنوري 2023 ۾ 12,000 ملازمن کي برطرف ڪيو هيو، هاڻي هڪ نئين رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي ته وڌيڪ 30,000 گوگل ملازمن کي جلد ئي مصنوعي ذهانت (AI) ٽيڪنالاجي ۾ ترقي جي ڪري برطرف ڪيو ويندو،دي انفارميشن جي هڪ رپورٽ موجب گوگل پنهنجي ايڊ سيلز ڊپارٽمينٽ کي نئين سر ترتيب ڏيڻ جي منصوبابندي ڪري رهيو آهي ڇاڪاڻ ته ان ڪم لاءِ مصنوعي ذهانت (AI) ٽيڪنالاجي کي وڌيڪ استعمال ڪيو پيو وڃي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪمپني تازو مهينن ۾ AI ٽيڪنالاجي ۾ ترقي جي ڪري مختلف پوزيشن کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ٽيڪنالاجي ڪمپني اشتهار سيلز ۽ ڪسٽمر سروس ڊپارٽمينٽ جي مخصوص علائقن کي ڊجيٽل ڪرڻ جو منصوبو آهي.ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو فيصلو گوگل پاران AI تي ٻڌل اشتهار متعارف ڪرائڻ کانپوءِ ٿيو.گوگل جي هن ڊپارٽمينٽ جي بحالي جو اعلان تازو ڏينهن ۾ هڪ اندروني اجلاس دوران ڪيو ويو.AI ٽيڪنالاجي اشتهارن لاءِ ويب سائيٽون اسڪين ڪندي ۽ خود بخود لفظ، هيڊ لائنز، تصويرون ۽ وڌيڪ ٺاهيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو