گوگل پاران سرچ انجڻ ۾ تبديليون ڪرڻ جو اعلان

گوگل پاران سرچ انجڻ ۾ تبديليون ڪرڻ جو اعلان

لنڊن(ويب ڊيسڪ)دنيا جي مقبول ترين سرچ انجڻ گوگل اعلان ڪيو آهي ته هو پنهنجي سرچ انجڻ، الگورتھم ۽ ڪي ورڊز ۾ وڏيون تبديليون ڪري رهيو آهي.گوگل جو چوڻ آهي ته اهو ئي سبب آهي ته ڊجيٽل مواد مينيجرز ۽ ايس اي او ماهر ايندڙ ڪيترن ئي هفتن تائين انهن جي ويب سائيٽ جي درجه بندي ۽ ٻين مسئلن تي ويجهي نظر رکنديون.گوگل ڪور سرچ تحت سرڪاري طور تي نوان الگورتھم ۽ پروٽوڪول متعارف ڪرايا آهن.ان سان مشهور ويب سائيٽ جي رينڪنگ ۾ فرق اچي سگهي ٿو.25 مئي تي گوگل سرچ بلاگ ٻڌايو ته اسان سال ۾ ڪيترائي ڀيرا گوگل سرچ ڪوريج جو اعلان ڪندا آهيون ۽ هاڻي 26 مئي کان ان تي عمل ڪري رهيا آهيون. گوگل وڌيڪ تفصيل فراهم نه ڪئي، پر جڏهن به گوگل جي سسٽم کي هيڪ ڪرڻ يا ان جي سرچ انجڻ تي اثرانداز ٿيڻ جي ٻاهرين ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته گوگل پنهنجو پروٽوڪول تبديل ڪندو آهي. گوگل پنهنجي پوسٽ ۾ چيو آهي ته سال ۾ ڪيترائي ڀيرا اسان پنهنجي رينڪنگ جي عمل کي بهتر بڻائيندا آهيون، ان عمل کي ڪور اپڊيٽس چيو ويندو آهي. اهي تبديليون ويب جي بدلجندڙ حالتن جي تحت ڪيون ويون آهن. بهرحال، ويب سائيٽ جا مالڪ واضح طور تي فرق ڏسي سگهندا.گوگل چيو آهي ته ڪور اپڊيٽ مخصوص صفحن يا ويب سائيٽن کي نشانو نه بڻائيندو آهي. ان جا اثر مئي جي آخري هفتن کان پوءِ ايندڙ ڪيترن ئي هفتن تائين محسوس ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو