گوڙ ۽ ٽريفڪ معطل ڪرڻ جي ڪيسن مان حليم عادل ۽ ٻيا بري

گوڙ ۽ ٽريفڪ معطل ڪرڻ جي ڪيسن مان حليم عادل ۽ ٻيا بري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سومر تي جوڊيشل مئجسٽريٽ ملير سپر هاءِ وي تي وڳوڙ ۽ ٽريفڪ معطل ڪرڻ جي ٻن ڪيسن ۾ جوابدارن جي بريت جي درخواستن تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت حليم عادل شيخ سميت ٻين جي آزادي جون درخواستون منظور ڪري ورتيون، بري ٿيندڙن ۾ حليم عادل شيخ، وقار، علي دوست ۽ عمر شامل آهن، خالد محمود ايڊووڪيٽ موقف ڏنو هو ته جوابدارن تي مفروزن جي بنيادن تي ڪيس ٺاهيا ويا، جوابدارن پر امن احتجاج ڪيو هو، پوليس اڃ تائين ڪي ٺوس ثبوت پيش ناهي ڪري سگهي، پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ۽ بين جي خلاف سچل پوليس 2023ع ۾ڪيس داخل ڪيا هئا، سرڪار يوڪيل موقف ڏنو هو ته جوابدارن تحريڪ انصاف جي باني جي گرفتاري جي اطلاع تي سپر هاءِ وي بلاڪ ڪيو هو، جوابدارن وڳوڙ ڪري ٽريفڪ کي معطل ڪري ڇڏيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو