گووندا ۽ ثانيه شمشاد جي وڊيو ڪال وائرل

گووندا ۽ ثانيه شمشاد جي وڊيو ڪال وائرل

لاهور(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اسٽار گووندا پاڪستاني اداڪارا ثانيه شمشاد سان وڊيو ڪال ذريعي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي ثانيه شمشاد هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ بالي ووڊ اسٽار گووندا کي اداڪارا جي مڙس سان گڏ ڏسي سگهجي ٿو.اداڪارا جو مڙس پنهنجي زال سان وڊيو ڪال تي ڳالهائي رهيو آهي، پوءِ اتي موجود گووندا به ساڻس وڊيو ڪال تي ڳالهائي ٿو.گووندا ثانيه شمشاد جي پٽ اذلان کي وڊيو ڪال ذريعي سندس سالگرهه جي مبارڪباد ڏني.ثانيه شمشاد پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته اهو هر روز نه هوندو آهي جو توهان بالي ووڊ جي ڪنهن شخصيت سان رابطو ڪريو.اداڪارا گووندا جو به شڪريو ادا ڪيو ۽ لکيو ته اذلان جي سالگره کي خاص بڻائڻ لاءِ توهان جي مهرباني، توهان جي عاجزي ۽ مهربانيءَ جا لفظ ضرور هڪ دائمي تاثر ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو