دادو(ن سنڌيار)دادو لڳ يوسي يار محمد ڪلهوڙو جي ڳوٺ باداڻي جو گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي بلڊنگ زبون حال ٿي وئي مسلسل پوندڙ برساتن سبب اسڪول جي حالت تباھ ڪري ڇڏي اسڪول جي ڇت ڪمزور ٿي وڃڻ ڪري برسات جو پاڻي ڇت کان اندر پوڻ لڳو اسڪول جي ٻنهي ڪمرن جي ڇت ۾ چئن ئي پاسن کان ڏار پئجي ويا ٻارڙن جي زندگي کي خطرو آهي اسڪول جي استادن ۽ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ خوف جي لھر انتظاميه نوٽيس نه ورتو اسڪول گذريل ڪيتري ئي عرصي کان لاڳاپيل انتظاميه جي بي حسي جو شڪار بڻجي تيزي سان تباھي طرف وڌڻ لڳو آھي گذريل ڪيترن ئي سالن کان اسڪول جي عمارتن جي مرمت نه ٿي سگهي ۽ اسڪول جو بائونڊري وال پر هنڌان هنڌان ڏار پوڻ سبب ڪنهن وقت به ڪري سگهي ٿو جنهن ڪري جاني نقصان جو پڻ خدشو آهي ڳوٺاڻن اسرار سرڪي عزيز خاصخيلي،حاڪم کوکر ۽ اتان جي استادن دانهيو ته هن زبون حال عمارتن ۾ هڪ طرف استاد پريشان آھن ته ٻئي پاسي سوين شاگردن جون حياتيون داء تي لڳل آھن ڪيترائي ڀيرا اسڪول جي زبون حالي جو اسڪول جي وزٽ تي ايندڙ بالا آفيسرن کي پڻ شڪايتون ڪيون آھن پر سڀ اگھور ننڊ ستل آھن ڪوبه نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي سڀ خاموشي اختيار ڪيو ويٺا آهن اسان جي دانھن طرف ڪير به توجه نه پيو ڏئي ھنن تعليم کاتي جي اعليٰ عملدارن وزير تعليم ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو آهي ته تُرت اسڪول کي نئين عمارت ڏئي استادن ۽ شاگردن مان خوف جي لھر ختم ڪئي وڃي۔










