پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي صوبي ۾ چونڊن جي تاريخ ڏئي ڇڏي آهي.گورنر خيبرپختونخواهه اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جي تاريخ 28 مئي ڏئي ڇڏي آهي.ان کان اڳ ڪي پي ڪي جي گورنر حاجي غلام مملڪتي صدر عارف علوي سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ صدر مملڪتي وزير گورنر سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي ته گورنر طرفان چونڊن جي ڪهڙي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي؟ ان تي حاجي غلام علي چيو ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تسلي بخش ناهي، اليڪشن ڪميشن هن وقت چونڊن جي تاريخ بابت اجلاس ڪري رهي آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي سختي سان عمل ڪيو ويندو.










