گهوگهي جي بيماري، ڀاڳين پريشان، وٽرنري وارا غائب

گهوگهي جي بيماري، ڀاڳين پريشان، وٽرنري وارا غائب

ورڪشاپ (اياز لطيف شر) آس پاس جي علائقن اڇڙو ٿر، اوڍ ميھارڪي، منڍ جمڙائو، دٻي ۽ جکڙائو سميت ٻين علائقن ۾ چوپائي مال ۾ گهوگهي جي بيماري سبب ڪيتريون ئي ڳئون ۽ مينهون مري ويون. ڀاڳيا پريشان آهن ۽ وٽرنري کاتي ڪو ٻوٽو نہ ٻاريو. مالوندو  ماڻهو سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا پنهنجي مدد پاڻ تحت ڍورن جي ويڪسين ڳري فيس ڀري نجي مال جي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائڻ لڳا. روزاني سنڏيار سان ڳالھيندي ڀاڳين الھڏتو ڪارڙو، مير خان شر، شهمير، ولي محمد ۽ احمد خان ٻڌايو تہ گهوگهي جي بيماري جي ڪري اسان جا 20 کان مٿي ڍور مري چڪا آھن ڪيترائي بيماري ۾ ورتل آھن تنهن ھوندي بہ ورڪشاپ وٽرنري اسپتال کي ملندڙ سرڪاري ويڪسين جي ڪا خبر ناھي ڊاڪٽر ڪٿي ٿا استعمال ڪن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو