گهوٽڪي (ن س )گهوٽڪي پوليس اليڪشن ۾ فوج جي مقرري لاءِ اعليٰ آفيسرن کي خط لکي ڇڏيو.ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران ڊي آءِ جي کي خط لکي علائقي ۾ امن امان جي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ اليڪشن دوران فوج مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي.ايس ايس پي خط ۾ لکيو آهي ته چونڊن ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ فوج جي مقرري ناگزير آهي، ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ ڪيل گرانڊ آپريشن جا مثبت نتيجا سامهون نه آيا، سکر ملتان موٽر وي تان ڌاڙيلن شهرين کي اغوا ڪري رهيا آهن،خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته شرپسند ۽ جاگيردار ٽولا رياست کي ڪمزور ڪري رهيا آهن، ڌاڙيلن شهرين کي قتل ڪيو آهي ۽ ڪيترائي پوليس اهلڪار به شهيد ٿي چڪا آهن، شهرين کي ڀنگ لاءِ اغوا جو خوف آهي.










