گهوٽڪي (ن س) گهوٽڪي ۾ موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن نوجوان کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدار موٽرسائيڪل ڦري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.رپورٽن موجب سرحد ٿاڻي جي حد ۾ قاضي واهه وٽ ڳوٺ گلزار ڪورائي جو رهواسي نوجوان رسول بخش ڪورائي موٽرسائيڪل تي ڳوٺ کان گهوٽڪي شهر وڃي رهيو هو ته موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن کيس روڪي ڦر جي ڪوشش ڪئي.نوجوان پاران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ رسول بخش ڪورائي زخمي ٿي پيو، جڏهن ته جوابدار سندس موٽرسائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا.واقعي جي اطلاع ملڻ تي سرحد ٿاڻي جي پوليس پهچي زخمي نوجوان کي علاج لاءِ تعلقا اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو.اسپتال ذريعن موجب نوجوان کي هڪ گولي پيٽ ۾ لڳي آهي ۽ حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس وڌيڪ علاج لاءِ سکر ريفر ڪيو ويو. پوليس واقعي جو اطلاع درج ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته فرار ٿيل هٿياربندن جي گرفتاري لاءِ سندن ڳولا پڻ جاري آهي.










