گهوٽڪي )ن س )گهوٽڪي ويجهو قادرپور جو رهواسي نوجوان علي شير ٿهيم روزگار سانگي سعودي عرب جي شهر دمام ۾ ڪم ڪري رهيو هو، جتي ڪم دوران ڳري مشينري سان پيش آيل حادثي ۾ هو فوت ٿي ويو. نوجوان جي فوت ٿيڻ جي خبر گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي.










