گهوٽڪي واسي جو بيگاري ۾ لڙهيل لاش هٿ وارثن ڏانهن روانو

ڪشمور (جي ايم کوسو) بيگاري فيڊر 45 آرڊي جي ويجھو 27 سالن جو نوجوان عبدالقادر مھر پيرترڪڻ سبب ٻڏي ويو. جنهن جو لاش اربع تي ملي ويو جيڪو ايمبولينس ذريعي وارثن کي گهوٽڪي اماڻي ڏنو ويو. جڏھن ته آبپاشي جي عملدارن کي اطلاع ڪرڻ باوجود بيگاري فيڊر جا دربند نه ڪيا ويا ته ٻئي طرف پنھنجي مدد تحت ڳوٺاڻن لاش جي ڳولا شروع ڪئي وئي آھي ياد رھي ته ٻڏي ويل جوتعلق ضلعي گھوٽڪي جي مومل ماڙي جي لڳ ڳوٺ الله بخش مھر جو رھواسي آھي جڏھن ته ھن سان گڏ غلام ياسين مھر ۽ محمد وسيم مھر جيڪي بيگاري فيڊر ۾ وھنجي رھيا ھئا ته نوجوان عبدالقادر مھر جو پير ترڪڻ سبب لڙھي ٻڏي ويو ھوڏانھن آبپاشي جي عملدارن کي دربند ڪرڻ جي لاء چيو ويو پر ھن مھل تائين در بند نه ٿيا پاڻي گھڻو ھجڻ ڪري ٽوٻن کي لاش ڳولڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي ھو ڏانھن ڪشمور جو مختيارڪار اعجاز ٻرڙو پنھنجي عملي سان واقعي واري ھنڌ پھچي ويا

پهنجو تبصرو موڪليو