گهوٽڪي (ن س)گهوٽڪي ڪچي ۾ پوليس جي وڏي ڪاميابي — 50 لک انعام يافته ڏوهاري شاهو ڪوش مارجي ويو.ڊي آءِ جي سکر رينج ڪيپٽن (ر) فيصل عبدالله چاچڙ جي اڳواڻي ۾ رونتي ڪچا علائقي ۾ ڏوهارين خلاف جاري آپريشن دوران پوليس کي وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي.گذريل رات مارجي ويل ڏوهارين مان هڪ شاهو ڪوش ولد منڊا ڪوش جي سڃاڻپ ٿي آهي، جيڪو 50 لک رپين جي انعام يافته ڏوهاري هو.پوليس موجب، شاهو ڪوش ڪجهه وقت اڳ ضلعي رحيم يار خان ۾ 12 پوليس اهلڪارن جي شهادت واري واقعي ۾ مرڪزي جوابدار هو. هو سنڌ ۽ پنجاب ٻنهي ۾ 30 کان وڌيڪ سنگين ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو، جن ۾ قتل، اغوا ۽ ڌاڙا شامل آهن.مارجي ويل ٻين ڏوهارين جي سڃاڻپ جو عمل به جاري آهي. سڃاڻپ ٿيل ڏوهارين ۾ هيٺيان نالا شامل آهن:قربان ولد لونگ لٺاڻي – 50 لک انعام شاهو ولد منڊا ڪوش – 50 لک انعام شبير ولد دوست محمد عرف دوسو لٺاڻي – 25 لک انعام نذیر ولد دوسو لٺاڻي – 25 لک انعام ۽ ٻيا ڪيترائي ڏوهاري پڻ شامل آهن.ڊي آءِ جي فيصل عبدالله چاچڙ چيو ته رونتي ڪچا ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن اُس وقت تائين جاري رهندو جيستائين آخري ڏوهاري کي به قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو وڃي.صوبائي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار پاران به ڊي آءِ جي سکر ۽ سندس ٽيم کي وڏي ڪاميابي تي مبارڪ ڏني وئي.هن چيو:پوليس جي دليرانه ڪارروائي ۽ حڪمت عملي جي نتيجي ۾ هڪ وڏو اهم ڪامياب آپريشن مڪمل ٿيو آهي. خطرناڪ ڏوهارين جي هلاکت سان عوام ۾ امن جو احساس پيدا ٿيو ۽ پوليس جو حوصلو وڌيو آهي.گهرو وزير وڌيڪ چيو ته گهوٽڪي پوليس طرفان امن امان جي بهتري ۽ ڏوهن خلاف حڪمت عملي ساراهه جي لائق آهي.ڊي آءِ جي سکر موجب، آپريشن دوران 12 انتهائي خطرناڪ ڏوهاري مارجي ويا، جن مان ڪيترن تي حڪومت سنڌ پاران انعام مقرر ٿيل هو. پوليس ست ڏوهارين جون لاشون پنهنجي قبضي ۾ وٺي ورتيون، جڏهن ته پنج لاش ڏوهارين جا ساٿي اندھيري جو فائدو وٺي ساڻ کڻي ويا.پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه هٿياربند ڏوهاري سخت زخمي ٿيا، جن کي سندن ساٿي پاڻ سان وٺي ويا.ڊي آءِ جي موجب، مارجي ويل ڏوهاري شر گينگ سان تعلق رکن ٿا، جيڪي دير کان ڪچي علائقن ۾ دهشت پکيڙي رهيا هئا. پوليس جي سخت ڪارروائي سبب ڏوهاري پسپا ٿي ويا.پوليس پاران علائقي ۾ سرچ ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، ۽ امن امان جي مڪمل بحالي لاءِ ڪارروائيون جاري رهنديون.










