گهوٽڪي: (رپورٽر) گهوٽڪي جي ڪچي ۾ پوليس پاران اغوا ٿي ويل نوجوانن جي بازيابي لاءِ ڪيل آپريشن دوران ڌاڙيلن پاران پوليس مٿان حملو، ڊي ايس پي سميت 5 اهلڪار شهيد ٿي ويا.آپريشن جي حوالي سان پوليس اختيارين موجب 7 ڏينهن اڳ اوٻاوڙو ۾ راونتي روڊ تان 3 ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو هو جن جي بازيابي لاءِ پوليس راونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن شروع ڪيو.پوليس اختيارين موجب ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالمالڪ ڀٽو، ايس ايڇ او کينجهو دين محمد لغاري، ايس ايڇ او ميرپورماٿيلو عبدالمالڪ ڪمانگر آپريشن جي حوالي سان پوليس ڪيمپ ۾ موجود هئا.پوليس موجب ڌاڙيلن جديد راڪيٽ لانچرن سان پوليس ڪيمپ تي حملو ڪيو جنهن دوران ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالمالڪ ڀٽو، ڏوهارين هٿان شهيد ٿي ويو، جڏهن ته ايس ايڇ او ميرپورماٿيلو عبدالمالڪ ڪماگر ۽ ايس ايڇ او کينجهو دين محمد لغاري به شهادت ماڻي.پوليس اهلڪار جتوئي پتافي ۽ سليم چاچڙ به فرض نڀائيندي شهيد ٿي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته ڌاڙيلن جي حملي دوران ايس ايڇ او راونتي غلام علي بروهي، آفتاب ڀٽو ۽ ممتاز سومرو زخمي ٿي پيا آهن جن کي اوٻاوڙو اسپتال منتقل ڪيو ويو.ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو جو چوڻ آهي ته مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن ڪيون، شهيدن جون قربانيون رائگان نه ٿينديون. آپريشن جاري رهندو. ڌاڙيلن ٽن آفيسرن ۽ ٻن جوانن کي شهيد ڪيو. 6 ڪلاڪن تائين مقابلو جاري رهيو.هوڏانهن ڌاڙيلن جي حملي ۾ شهيد ٿيل ڊي ايس پي اوٻاوڙو، ٻن ايس ايڇ اوز ۽ ٻن جوانن جي ايس ايس پي آفيس ميرپورماٿيلو ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ ايم اين اي محمد بخش مهر، پوليس ۽ رينجرز جي آفيسرز توڙي، سياسي، سماجي توڙي شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.










