گهر جي ڇت ڌماڪي سان ڪرڻ سبب 2 ڀينرون ڀاءُ سميت فوت

سکر (بيورو رپورٽ) نئون پنڊ ۾ افسوس ناڪ واقعو پيش آيو زبون حال گھر جي ڇت ڪرڻ سبب ھڪ ئي ڪٽنب جا 3 ڀاتي فوت ٿي ويا ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. نديم شر جي گهر جي ڇت رات جو اچانڪ ڌماڪي سان ڪري پئي جنهن جي ڪري گهر ۾ ستل ٽي ٻارڙا دٻجي مري ويا جن ۾ 13 سالن جي ناهيد، 9 سالن هي بينظير ۽ 6 سالن جو ڀاءُ  وسيم  موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. جڏهن ته پيءَ  نديم شر ۽ 12 سالن جو ڀاءُ سخت زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور اسپتال کڻائي ويا جتي لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳوار وارو ماحول ڇانئجي ويو. ٻڌايو وڃي ٿو ته ڇت جي ڪافي عرصي کان مرمت نه ٿيڻ ڪري ڪمزور ٿي وئي هئي جيڪا رات گهر ۾ ستلن مٿان ڪري پئي.

پهنجو تبصرو موڪليو