ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)مقامي عدالت گهر تي قبضو ڪرڻ واري ڪيس ۾ سنڌ پوليس جي اڳوڻي ڊي آءِ جي کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي. ڪراچي جي اوڀر ضلعي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گلستان جوهر بلاڪ 7 جي رهواسي رانا محمد نديم جي 240 گز جي گهر تي غير قانوني قبضي بابت درخواست تي فيصلو ٻڌايو. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته هن آڪٽوبر 2016ع ۾ گلستان جوهر بلاڪ نمبر 7 ۾ 240 گز جو گهر خريد ڪيو هو پر ڪجهه وقت کانپوءِ ڊي آءِ جي سائين رکيو ميراڻي جي درخواست تي پوليس گهر جا تالا ٽوڙي ڇڏيا. ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل پنهنجي دليلن ۾ چيو ته سائين رکيو ميراڻي گهر تي قبضو ناهي ڪيو، سندس خلاف درخواست ناقابل سماعت آهي. عدالت درخواست تي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي ڊي آءِ جي سائين رکيو ميراڻي جي ضمانت رد ڪندي کيس 3 سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته جوابدار گهر جي قبضي کان وٺي 15 هزار رپيا ماهوار ڪرايو به ادا ڪري. عدالت ايس ايڇ او گلستان جوهر کي عدالتي حڪم تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي درخواستگذار کي گهر جو قبضو وٺي ڏيڻ جو حڪم ڏنو.










