ڪراچي (رپورٽ باغي ساگر پنھوار ) سائٽ سپرھائي وي پوليس ٿاڻي جي حد فقيرا ڳوٺ ۾ ٻن ٻارن جي پيء گھرو پريشانين کان تنگ ٿي پنھنجي گھر اندر پکي ۾ رسو ٻڌي خدڪشي ڪري ڇڏي. پوليس موجب ساجد وگھيو ولد عبدالواحد وگھيو بيروزگاري کان تنگ ٿي گھرو پريشانين جي ڪري پنھنجي گھر جي ڪمري ۾ ڇت جي پکي سان رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي، جڏھن ته والدين سان گڏ گھر ڀاتي مائٽن جي شادي لاء ڳوٺ ويل ھئا، گھر خالي ھجڻ ڪري پاڙي وارن ماني پھچائڻ لاء دروازو کڙڪايو دروازو نه کلڻ ڪري پاڙي وارن شڪ موجب پوليس ون فائيو تي اطلاع ڪيو، پوليس پھچي دروازو ٽوڙي لاش کي پکي ۾ ٽنگيل ڏسي ايمبولينس گھرائي لاش کي پکي مان لاھي شھيد عباسي اسپتال موڪليو ويو جنھن جي لاش کي وارثن جي پھچڻ تائين سرد خاني ۾ رکرايو ويو آھي، پاڙي وارن موجب نوجوانن رات جو نائيٽ ھوٽل تي ڪم ڪندو ھو، ڪجھ وقت کان ذھني دٻاء جو شڪار رھندو ھو، جنھن ڪري گھر ڀاتين سان منھن ماري ٿيندي رهندي هئس.










