گهرو اڻبڻت، عورت جو واهه ۾ ٽپو ٻن ٻارن سميت فوت

گهرو اڻبڻت، عورت جو واهه ۾ ٽپو ٻن ٻارن سميت فوت

کڏڙو ( رپوٽ ثناءالله ٽالپر) ڳوٺ غلام محمد ڏاھري جي رھواسي پورھيت محمد بخش خاصخيلي جي  25 سالن جي گھرواري  صغيران خاصخيلي  گھرو اڻبڻت تان مڙس سان ناراض ٿي ٻن ٻارڙن  6 سالن جي نياڻي شبانا  5 سالن جي معصوم  پٽ يامين سميت گھران نڪري نئين جمڙائو ڪئنال جي نئين پل آر ۔ ڊي 65 وٽ جمڙائو ڪئنال ۾  ٽپو ڏئي ڇڏيو ھو ۔ جمڙائو ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندڙ عورت ۽ سندس ٻارڙن جي ڳولا لاء مقامي ٽوٻن ۽ ڳوٺاڻن پاران ڳولا تي ھٿ نه اچڻ تي تڪ جي ايم پي اي خليفو وريام فقير خاصخيلي پاران ٽوٻن جي ٽيم موڪلي وئي جڏھن ته اسسٽنٽ ڪمشنر سنجھورو ، مختيارڪار سنجھورو ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران انساني ھمدردي طور پنھنجا ماڻھو آڻي لاشن جي  صبح کان ڳولا ڪئي وئي  جنھن تي  33 ڪلاڪن بعد  5 سالن جي يامين خاصخيلي جو جمڙائو ڪئنال جي آر ڊي 33 وٽان لاش  ھٿ آيو بعد ۾ 17 ميل وٽ 6 ساله شبانه جو لاش ھٿ آيو  بعد  14 ميل وٽ  25  ساله عورت صغيران جو لاش ھٿ آيو ۔ کڏڙو پوليس  عورت جي وارثن سان گڏ نينگر يامين ، صغيران ۽ سندس ڌي جو لاش سول اسپتال سانگھڙ پھچايو ويو ۔ ميڊيا سان ڳالھائيندي   ايس ايڇ او کڏڙو محمد علي زرداري چيو ته لاشن جي پوسٽ مارٽم بعد واقعي جي جاچ ڪئي ويندي ۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو