اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي گن اينڊ ڪنٽري ڪلب اسلام آباد جو رڪارڊ ضبط ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس نور عالم خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت ۽ بين الصوبائي رابطا واري وزارت جي آڊٽ پيراگرافن جو جائزو ورتو ويو.پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اسلام آباد جي گن اينڊ ڪنٽري ڪلب جي جاچ نه ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي ڪلب جو سمورو رڪارڊ ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ڪلب جي سربراهه نعيم بخاري ڪفوري کي هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.چيئرمين ڪميٽي نور عالم خان چيو ته گن اينڊ ڪنٽري ڪلب جي آڊٽ ڇو نه ٿي رهي آهي، اربين رپين جو آڊٽ ٿيو آهي، قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي.پي اي سي ڪلب جي آڊٽ لاءِ نيب ۽ ايف آءِ اي کان مدد وٺڻ جي هدايت ڪئي.نور عالم خان چيو ته اهي آڊٽ پيراگراف ايف آءِ اي ۽ نيب کي انڪوائري لاءِ موڪلي رهيو آهيان.پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ڪلب جي سربراهه نعيم بخاري کان ڪار ۽ آفيس سميت سموريون مراعتون واپس وٺڻ جي هدايت ڪئي.










