گنڊاپور جي هٿيار ۽ ماڻهو اسلام آباد موڪلڻ واري آڊيو ليڪ

گنڊاپور جي هٿيار ۽ ماڻهو اسلام آباد موڪلڻ واري آڊيو ليڪ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پريس ڪانفرنس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ ) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير علي امين گنڊاپور جي آڊيو ٻڌائي ڇڏي.آڊيو ليڪ ۾ علي امين گنڊاپور هڪ شخص کي بندوقون ۽ ماڻهو آڻڻ جو چئي رهيو آهي.آڊيو جي متن ۾ اڻڄاتل همراهه چئي رهيو آهي ته جي علي خان؟ ان تي علي امين چوي ٿو ته صدر صاحب ڇا پوزيشن آهي؟ وري همراهه چئي ٿو ته سر پوزيشن اي ون آهي، اوهان ٻڌايو؟ علي امين جواب ڏيندي چيو ٿو ته بندوقون ڪيتريون آهن؟ جنهن تي اڻڄاتل همراهه چئي ٿو ته تمام گهڻيون آهن.اڳتي هلي علي امين کيس چوي ٿو ته اسان ڪئمپ هڻي رهيا آهيون ساٿي ويجهي ڪالوني ۾ آهن، هتي ويجهي جاءِ ڪهڙي آهي؟ ڪهڙي ڪالوني لڳي ٿي. جنهن تي اڻڄاڻيل شخص چيو ته اسان وٽ؟ ان تي علي امين گنڊا پور چيو ته اسلام آباد پنڊي واري بارڊر تي، ٽول پلازا کانپوءِ ليفٽ سائيڊ تي، ڪهڙي جاءِ آهي؟ ٽاپ سٽي آهي يا ڪيپٽل ؟ اڻڄاتل شخص جواب ڏيندي چوي ٿو ته ٽاپ به آهي، ڪيپٽل به آهي، تمام گهڻيو آهن ٻڌايو، ان تي علي امين گنڊاپور چيو ته ٽاپ تي ايئرپورٽ تي آهي نه، اڻڄاتل شخص جواب ڏئي ٿو ته ٽاپ ته هوائي اڏي واري سائيڊ آهي، مون سڄو نقشو اوهان ڏانهن موڪليو هو. پوءِ علي امين چيو ته اهو مليو آهي ۽ مون وٽ آهي، بس اوهان رڳو ماڻهو سامان تيار رکو .

پهنجو تبصرو موڪليو