مانجهند (ن سنڌيار)مانجهند ۾ وڏي عرصي کان گندگي جو آزار برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب رهواسي عذاب واري زندگي گذارڻ لڳا انتظاميا غائب بجيٽ ھڙپ تفصيل موجب مانجهند ٽائون انتظاميا هڪ هفتو گذرڻ باوجود برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ ٽائون انتظاميا مڪمل ناڪام ٿي وئي صفائي بجيٽ ۾َ مبينا ڪرپشن شھر کي کنڊر بڻائي ڇڏيو جنهن سبب رهواسي گوڌي جيڏي پاڻي ۾ ھلڻ تي مجبور بنيل آھن نمازين کي سخت مشڪلاتون پيش اچڻ لڳيون صفائي ٺيڪيدار رقم بچائڻ لاء ڏھاڙي واري عملي کي موڪل تي روانو ڪري ڇڏيو جنهن سبب هر طرف گندگي جا ڍير لڳي ويا ناليون اٿلڻ سبب گندو پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پوي ٿو جنهن سبب گهرن جا بنياد ڪمزور ٿي ويا هر طرف بدبوء ڦھلجي وئي ٽائون آفيسر ڊيوٽي تان غائب ٿي فون بند ڪري ڇڏي جنهن سبب گندگي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيڻ لڳو جنهن سان مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو هتان جي رهواسين لياقت علي ملاح شاهنواز شاه بلاول ميمڻ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ت فوري طور صفائي ڪرائي وڃي










