اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پنجاب جي شهر گجرات سان تعلق رکندڙ 4 گم ٿيل سياحن جي ڪار ۽ لاش بلتستان روڊ تي استڪ ڳوٺ جي ويجهو، روندو وادي، اسڪرودو ۾ سنڌو درياءَ جي ڪناري تي مليون آهن. ريسڪيو 1122 جا آپريشنل اهلڪار ترت واقعي واري هنڌ پهتا ۽ فوت ٿي ويل ماڻهن جا لاش ٻاهر ڪڍيا. ريسڪيو جي هڪ اهلڪار ٻڌايو ته اها ڪار اسڪرودو طرف وڃي رهي هئي، جيڪا لڳ ڀڳ 500 فوٽن جي اونهي کاهيءَ ۾ ڪري پئي. هڪ لاش ڪار کان ٻاهر مليو ۽3 ڪار جي اندر هئا. ريسڪيو ٽيم رسين جو استعمال ڪندي واقعي واري هنڌ تائين پهتي، ۽ گاڏي کي مٿي آڻڻ لاءِ ڪرين جو بندوبست به ڪيو ويو. اهي 4 سياح 16 مئي تي گلگت ۽ اسڪرودو جي وچ ۾ گم ٿي ويا هئا، جن جي تلاش لاءِ سرچ آپريشن جاري هو. وارثن مطابق 36 ورهين جو وسيم شهزاد ۽ 20 ورهين جو عمر احسان سئوٽ هئا، جن جو تعلق ڪوٽ گڪه، منگووال جي ويجهو هو. 23 ورهين جو سلمان نصرالله سنڌو، جاسوڪي ڳوٺ مان ۽ 23 ورهين جو عثمان ڊار سروڪي سان تعلق رکندڙ هو. اهي چارئي دوست 13 مئي تي گلگت پهتا هئا. ڊي آءِ جي گلگت رينج، راجا مرزا حسن ٻڌايو ته پوليس رڪارڊ مطابق انهن چئن دوستن 15 مئي تي هنزا مان اسڪرودو لاءِ سفر شروع ڪيو هو، رستي ۾ گلگت جي دنيور علائقي ۾ قراقرم جي ويجهو هڪ هوٽل ۾ ترسيل هئا. 16 مئي تي انهن اسڪرودو طرف پنهنجو سفر ٻيهر شروع ڪيو، ان وقت کان سندن موبائيل فون بند ٿي ويا هئا. راجا مرزا حسن ٻڌايو ته گم ٿيل دوستن جي آخري لوڪيشن جگلوٽ، گلگت ۾ هئي. سندن منصوبي مطابق هو استڪ، اسڪرودو پهچڻ چاهين پيا، پر ڇنڇر تائين سندن ڪو به پتو نه لڳي سگهيو. هن ٻڌايو ته گلگت بلتستان پوليس ۽ ريسڪيو 1122، جگلوٽ کان استڪ تائين جگلوٽ-اسڪرودو روڊ تي گڏجي گم ٿيل دوستن جي تلاش ڪري رهيا هئا. اهو روڊ درياءِ سنڌ جي ڪناري سان گڏ هلي ٿو، جتي انهن ڏينهن ۾ پاڻي جو وهڪرو تمام خطري وارو آهي. هڪ گم ٿيل نوجوان جي والد ٻڌايو ته انهن سان آخري رابطو 16 مئي تي ٿيو هو. هن گلگت بلتستان حڪومت، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پي کان اپيل ڪئي هئي ته سندس پٽ ۽ دوستن کي ڳولڻ ۾ مدد ڪئي وڃي. پوليس ۽ ريسڪيو 1122 جي ٽيمون گلگت ۽ اسڪرودو ۾ درياءِ سنڌ جي ڪناري سان، جگلوٽ کان استڪ تائين سندن تلاش جاري رکنديون رهيون. ريسڪيو 1122 جي گلگت ٽيم 16 مئي تي گم ٿيڻ کان وٺي ئي سرچ آپريشن شروع ڪيو هو. بلتستان روڊ تي، خاص طور گلگت جي جگلوٽ کان اسڪرودو جي استڪ علائقي تائين ڪيترائي حادثا ٿي چڪا آهن، جتي گاڏيون درياءِ سنڌ ۾ ڪري پون ٿيون. روڊ خراب هجڻ باوجود اڪثر حادثا تيز رفتاري سبب پيش اچن ٿا.










