سکر (ن س)ڪراچي مان پراسرار طور گم ٿيل چڪ واسي سرمائيدار ۽ پ پ اڳواڻ اياز مهر جي بازيابيءَ لاءِ ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ ڌرڻو هنيو ويو پ پ اڳواڻ اياز مهر جي وارثن ۽ وڏي انگ ۾ شهرين پاران باءِ پاس وٽ شاميانا هڻي ڌرڻو هنيو ويو، سنڌ ۽ پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ڌرڻي ۾ شريڪ اياز مهر جي وارثن، سماجي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو، پنهل ساريو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اياز مهر کي بيگناهه گم ڪيو ويو آهي، پ پ اڳواڻ اياز کي ظاهر ڪيو وڃي اياز مهر جي ننڍي ڀاءُ جاويد احمد مهر پنهنجي ڀاءُ ۽ سندس ڊرائيور جي اغوا جو ڊفينس ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائي ورتو، ڪيس ۾ اڻڄاتل جوابدار نامزد ڪيا ويا ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته منهنجي ڀاءُ اياز مهر ۽ سندس ڊرائيور غلام علي کي اڻڄاتل جوابدارن اغوا ڪيو آهي










