ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، پوليس گم ٿيل شهرين بابت رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو ته سرجاني مان گم ٿيل ٻن شهرين مان هڪ زرتاج ولي گهر واپس اچي ويو آهي، جڏهن ته سيف الرحمان نالي هڪ شهري اڃا تائين گم آهي، عدالت جاچ آفيسر کان پڇيو ته ڪيس ۾ اڃا تائين ڇا پيش رفت ٿي آهي؟ جاچ آفيسر چيو ته ٻئي گم ٿيل شهري بابت به معلومات ملي آهي، ۽ ٻئي شهري کي به تمام جلد بازياب ڪرايو ويندو، رپورٽ موجب گڊاپ مان گم ٿيل شهري فهد شاهه سلامتي سان گهر واپس اچي ويو آهي، عدالت شهري جي بازيابي بابت گم ٿيل درخواست خارج ڪري ڇڏي، درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ڪلفٽن مان گم ٿيل شهري جي گم ٿيڻ جو ڪيس داخل نه ٿي رهيو آهي، پوليس ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پر پنهنجي مرضي سان بيان لکي رهي آهي، عدالت ريمارڪس ڏنا ته توهان لکت ۾ بيان ڏيو، پوليس توهان جي بيان موجب ڪيس داخل ڪندي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين گم ٿيل شهرين بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 5 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










