اسلام آباد (بيورو رپورٽ)مسنگ پرسنز ڪميشن پنهنجي پيش رفت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جولاءِ مهيني دوران گم ٿيل ماڻهن جو انگ 157 ٿي ويو، جنهن کانپوءِ گم ٿيل ماڻهن جو مجموعي انگ 9736 مان وڌي 9893 ٿي ويو.مسنگ پرسنز ڪميشن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 31 جولاءِ تائين گم ٿيل ماڻهن جا ڪل 7616 ڪيس اڪلايا ويا آهن ۽ 2277 ڪيس التوا ۾ آهن.رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته هلندڙ سال هن وقت تائين جبري گمشدگي جا 690 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته 615 ڪيس اڪلايا ويا آهن.










